عشق اثبات (ڪتاب)

عشق اثبات (ڪتاب)

عشق اثبات ڪتاب

عشق اثبات (ڪتاب): هي ڪتاب صوفي شاعر فقير غلام صديق ابڙي جي شاعري تي مشتمل آهي، جنهن کي فقير منور علي ابڙي ۽ فقير علي اصغر ابڙي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا شاعر جي مرشد حضرت علي شاهه بغدادي جي نالي ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ حمد، منقبت، مدح، ڪافيون ۽ ڏوهيڙا شامل آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل تي شاعر جي تصوير ۽ بيڪ ٽائٽل تي ملهار سنڌي جي تاثر مان ٽڪرو ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل شاعري صوفياڻي رنگ ۾ رچيل آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب فقير غلام صديق ابڙو يادگار ڪاميٽي، اگهم پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. ڊيمي سائيز جي 170 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو